پاڪ سنگهار

پاڪ سنگهار: ٽنڊي الهيار شهر کان پنج ميل اوڀر طرف پاڪ سنگهار نالي درويش ۽ وليءَ جي درگاهه آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڪ سنگهار جي ولادت جي تاريخ جو صحيح پتو پئجي نه سگهيو آهي، پر اندازو آهي ته سندس ولادت ڏهين صدي هجريءَ ڌاري ٿي. سندس نالو لطيف هو، مگر ماڻهو کيس پاڪ سنگهار جي نالي سان ياد ڪندا آهن. اُن جا ٻه سبب بيان ڪيا وڃن ٿا. هڪ هيءُ ته هن بزرگ سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ پرهيزگار رهي گذاريائين، ان ڪري کيس پاڪ چيو وڃي ٿو. هيءُ سنگهار ان ڪري سڏجڻ ۾ آيو، جو مال سان سندس بيحد پيار هوندو هو. هن بزرگ جو تعلق مٽياري سادات جي لڪياري خاندان سان آهي. هن روايت جي تائيد درگاهه جي سجاده نشين فقير محمد ابراهيم پلهه به ڪئي. مشهور بزرگ ساجن سوائي سندس ماسات هو، جيڪو هڪ متقي ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي، جنهن جي درگاهه تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ’ڪونچي‘ ۾ آهي، جتي هر سال چيٽ جي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي. اُن کان سواءِ هن خاندان ۾ ٻيا ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا آهن. درويش پاڪ سنگهار سلوڪ جي تعليم مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان حاصل ڪئي. مراقبن ۽ رياضتن کان پوءِ کيس مرشد، دين جي تبليغ ڪرڻ جي اجازت ڏني. درويش پاڪ سنگهار سير ۽ سياحت ڪندي موجوده ڳوٺ ۾ اچي پهتو ۽ هتي جي سر زمين کيس اهڙي ته پسند آئي، جو هميشه لاءِ هتي رهڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ هتي هڪ مسجد به تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ ديني تعليم جو درس ڏيندو هو. سندس ٺهرايل مسجد اڃا به ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾ موجود آهي. درويش جي درگاهه تي هر مهيني جي پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي، جتي ماڻهو پنهنجي عقيدي موجب اچي کير تقسيم ڪندا آهن. هن درگاهه تي ساليانو ميلو ستين صفر کان ڏهين صفر تائين لڳندو آهي. ان کان سواءِ ميلي ۾ ملاکڙو به ٿيندو آهي. قديم دستور موجب درگاهه جي الهندي پاسي نائين صفر جي رات درگاهه جي سجاده نشين جي موجودگيءَ ۾ سماع جي روح پرور محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ مخدوم نوح جا بيت (ڏهر) چيا ويندا آهن. درگاهه جي ڀرسان زائرين جي رهڻ لاءِ هڪ چئن ڪمرن جي مهمان سراءِ ٺهيل آهي. درگاهه جو موجوده سجاده نشين فقير محمد محب پلهه آهي.


لفظ پاڪ سنگهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو